ظهور خان (ڀوپنگ نواز)

ظهور خان (ڀوپنگ نواز)

ظهور خان ڀوپنگ نواز

ظهور خان (ڀوپنگ نواز): ظهور خان پنجن سالن جي عمر کان الور ۾ بائسڪوپ جي اڳيان سينيما جي شوقينن لاءِ پنهنجو سادڙو ساز ڀوپنگ وڄائي وندرائيندو رهندو هو. سندس اهو ساز اڄڪلهه راجستان جي لوڪ سنگيت جي جان آهي. عرصي کان گداگر اهو ساز ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڄائي خيرات وٺندا رهيا. پر ڪنهن توجهه نه ڏنو، ظهور خان نه رڳو هن ساز کي دنيا سان روشناس ڪرائي داد حاصل ڪيو، پر ٻين ڪيترن ئي پوئتي پيل يا وسريل سازن ۾ نئون روح ڦوڪيو. اهي مڙئي ساز اصل ۾ ميواتي ثقافت جا اهم جز هئا.
ڀوپنگ، سڪل ڪدو جي خالي کوکي کي تري وٽان ڪٽي، ان جي مٿان ٻڪري جي خشڪ کل چاڙهي ٺاهيو ويندو آهي. ان ۾ وڄڻ واريون تندون يا رودا به ٻڪري جي آنڊن مان جڙندا آهن. جيڪي مرڪز وٽ مستحڪم يا قابو هوندا آهن. تارن کي آڱر سان ڇيڙڻ وقت جاجڪ انهن کي ڇڪي ڍرو ڪرڻ سان آوازي رنگيني يا تنوع پيدا ڪندو آهي. هن ساز جو بنياد شومهاراج ڏانهن منسوب ”ڊمرو“ کي سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري وڄوت ۽ ان جي قبيلي وارا مسلمان هوندي به پاڻ کي شو جا جوڳي ڪوٺرائين. هو پنهنجي ساڌنا ۾ شو کي ارپيل راڳ سان ڪندو آهي. ظهور خان هندستان فلمي صنعت جي مشهور اداڪار دليپ ڪمار جو احسانمند آهي. جنهن هن کي الور جي سنهڙين گهٽين مان ڪڍي ممبئي جي عاليشان نگار خانن تائين پهچايو. هڪ ڏينهن هو New Taj سينيما وٽ ڀوپنگ جي وڄت ۾ محو هو، جو دليپ ڪمار پنهنجي ڪنهن فلم جي شوٽنگ جي سلسلي سان الور مان لنگهندي هن کي ٻڌو ۽ کيس ان هوٽل تي جتي سندس جٿي جا ٻيا اداڪار وغيره به ترسيل هئا. اتي وٺي وڃي ٻڌو،سڀ متاثر ٿيا ۽ هن کي فلمن جي پس پرده ميوزڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آڇ ڪيائون. اهڙي ريت 18 سالن جي عمر ۾ هي هندي فلمن جي گوشائتي موسيقي ڏيڻ وارن ۾ شامل ٿيو. سندس پيشڪاري ماڻهن کي پسند آئي.هن پوءِ گنگا، جمنا، نيا دور، سن آف انڊيا وغيره. جهڙين فلمن جي پس منظر موسيقي ۾ حصو ورتو ۽ ڪيترن ئي مزاحيه گانن سان نويڪلو مظاهرو به ڪيو. ان کانسواءِ هي يوسف نالي قوال جي طائفي سان 22 سال رهيو ۽ ان دوران دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سفر ڪيائين. موسيقي ۾ سندس حصيداري ۽ اعليٰ ڪارڪردگي جي ڪري کيس ’راجستان سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي اوارڊ‘ به مليو ڪيترائي شهر ڏٺائين دنيا جا ڪيئي ملڪ به گهميو، پر ڪکن جي ڇڪ کيس پنهنجي ڳوٺ ”سنگسکا“ وٺي آئي ۽ ويهين صدي جي نوي واري ڏهاڪي ۾ الور واپس آيو. هن پنهنجو فن پنهنجي ٻن پٽن ۽ نوجوان نسل تائين پهچائي ڀوپنگ کي نئين ولولي سان سازن جي سٿ ۾ عزت ڏياري. سندس فرزند عمر فاروق Rhythm Of Mewat نالي فنڪارن جي گروپ جو سربراهه آهي. سندس فرزند جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي وڏن جي ڪرت سان نڀائيندي ان کي پنهنجي اولاد تائين منتقل ڪندو. معياري سنگيت بابت ماڻهن جي گهٽجندڙ دلچسپي سبب موسيقارن لاءِ اهو سلسلو جاري رکڻ مشڪل ٿي پيو آهي. گهڻا ٻين ڌنڌن ۾ مشغول ٿي ويا آهن.ميوات جا ڪافي عوامي ثقافتي ساز جهڙوڪ جوڳي سارنگ، الغوزو ڪرتار، بانسري،راوڻ هتيا،ميواتي ڇرڪارو،ميواتي تمڪ وغيره ڪامياب آهن. توڙي جو فن جو جاري رکڻ پيٽ گذر لاءِ اڻپورو آهي، پوءِ به ظهور خان جو چوڻ آهي ته هو ساز نوازي ڇڏڻ کان غربت ۾ گهارڻ کي بهتر سمجهي ٿو.
نوان سيکڙاٽ فنڪار جي Rhythm Of Mewat ۾ شامل آهن. سي ظهور خان جي گهر جي اونداهي اڱڻ تي رياض ڪندا رهن ٿا ۽ ظهور خان سندن وچ ۾ ڪٽنب ڇٽ جي حيثيت ويهي کين لوڪ فن کي مناسب مقام ڏيارڻ تائين ڪوشش جاري رکڻ لاءِ همٿائيندو رهندو آهي. (ڪتاب: ڏيهي پرڏيهي ساز)


هن صفحي کي شيئر ڪريو